Share this link via
Personality Websites!
481104
9603
آڻڻ جو حڪم جاري ڪيو ويندو. حضرت جبرائيل اَمين عليه السَّلام جهنم جي داروغي حضرت مالڪ عليه السَّلام کي فرمائيندا: اي مالڪ! الله پاڪ جو حڪم آهي، جهنم کي وٺي اچو!
هاڻي جهنم، جنهن ۾ وڏا وڏا جبل به آهن، وڏيون وڏيون واديون به آهن، اسان وٽ روڊن تي بلڊوزر هلندا آهن، جڏهن بلڊوزر هلندو آهي ته زمين ڌڏندي آهي، ريل جڏهن تيزيءَ (Speed)سان گذرندي آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ زلزلو اچي ويو آهي. هاڻي سوچيو ته جڏهن ايڏي وڏي جهنم کي محشر جي ميدان ۾ آندو ويندو ته زمين ڪيتري حد تائين ڌُڏي رهي هوندي. امام غزالي رحمۃُ اللہِ علیہ لکن ٿا ته ايڏو وڏو جهنم چئن پاوَن تي بيٺل هوندو (يعني جهڙي طرح اسان وٽ گاڏين وغيره کي هيٺان ٽائر (Tyre) هڻي ڇڪيو ويندو آهي، ايئن ئي جهنم کي ڇڪڻ لاءِ ان جي هيٺان چار وڏا وڏا پاوا لڳايا ويندا * هر هڪ پائو ايترو ته وڏو هوندو، جو تيز رفتار گهوڙو 500 سالن تائين ڊوڙندو رهي، تڏهن به ان جي پائي کي پار نه ڪري سگهندو * هڪ پائي کان ٻئي پائي تائين 5 سؤ سالن جو رستو هوندو([1]) * حديث پاڪ ۾ آهي ته: جهنم جا 70 هزار لغام هوندا ۽ هر لغام کي 70 ، 70 هزار فرشتا ڇڪي رهيا هوندا. ([2]) يعني ڪُل ملائي 4 اَرب 90 ڪروڙ فرشتا جهنم کي ڇڪيندا محشر جي ميدان ۾ آڻيندا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami