Share this link via
Personality Websites!
481103
9603
هوندا ۽ مڇين جي خوراڪ بڻجي چڪا هوندا، مطلب ته جيڪو، جتي به هوندو، سڀئي هڪ ئي سڏ تي ٻيهر جيئرا ٿي ويندا * زمين ٽامي جي بڻائي ويندي * آسمان ويڙهيو ويندو * سج هڪ ميل جي فاصلي تي آندو ويندو * باهه وَسِي رهي هوندي * ماڻهو پيرين اگهاڙين تَتل زمين تي بيٺا هوندا * قهر کي مُنهُن ڏيڻو پوندو * حساب جو وقت هوندو، گهٻراهٽون دل ڌڙڪائي رهيون هونديون * پريشانيءَ سبب دماغ بيحال ٿي چڪا هوندا * دليون تڙپي رهيون هونديون ته خبر ناهي هاڻي اسان جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو ويندو، ايتري ۾ جهنم کي آڻڻ جو حڪم ڏنو ويندو...!!
افسوس! مان صرف هڪ تَصَوُّر ڏيارڻ لاءِ عرض ڪري رهيو آهيان. ننڍپڻ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو هوندو ته اسان کان ڪا وڏي غلطي ٿي وئي هجي ۽ والد صاحب اسان کي سڏي پڇي رهيو هجي ته تو ائين ڇو ڪيو؟ ان وقت دل بيقرار هوندي آهي ته هاڻي بابا سائين خبر ناهي ڪهڙي سزا ڏيندا. ايتري ۾ هڪ ٿلهو ڏنڊو آندو وڃي، بابا سائين جي هٿ ۾ ڏنو وڃي سوچيو ته ان وقت ٻار جي دل تي ڇا گذرندي؟ جيتوڻيڪ بابا سائين ان ڏنڊي سان نه به مارين، پر ٻار ڏوهاريءَ جي حيثيت سان بيٺو آهي، ان وقت رڳو ڏنڊي جي اچڻ جو وقت ئي ڪيترو تڪليف ڏيڻ وارو هوندو آهي.
ان مان ئي ٿورو تَصَوُّر ڪريو ته اسان محشر جي ميدان ۾ بيٺا آهيون ۽ اڃان اسان کان حساب ورتو ويندو. ايتري ۾ حڪم ٿيندو ته جهنم کي آندو وڃي.
صحابيِءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما فرمائن ٿا: مخلوق کان سڀ کان پهريون حساب ته هي ٿيندو جو محشر جي ميدان ۾ جهنم کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami