Share this link via
Personality Websites!
481102
9603
اُتي لوهه جا اهڙا وزني هٿوڙا آهن جو انهن مان جيڪڏهن هڪ هٿوڙو زمين تي رکيو وڃي ته سمورا انسان ۽ جِنَ ملي ڪري به ان هڪ هٿوڙي کي کڻي نه سگهن. ([1]) اهڙن نهايت ڳرن هٿوڙن سان فرشتا جهنمين کي ماريندا * هتي خچرن جهڙا وڏا وڏا وِڇون آهن * اهڙا ته زهريلا نانگ آهن، جو جيڪڏهن هڪ ڀيرو ڏنگين ته 40 سالن تائين تڪليف ختم نه ٿئي([2]) * جهنمين کي سخت ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو ويندو، جيئن ئي سندن وات جي ويجهو ڪندا ته ان جي گرميءَ سبب چهري جي کل سڙي ڪري ان ۾ ڪري پوندي. ([3])
صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما فرمائن ٿا: جنت ستين آسمان تي آهي، جڏهن ته جهنم ستين زمين جي هيٺان آهي. ([4])
ميدانِ محشر ۾ جهنم جي اچڻ جو هولناڪ منظر
پيارا اسلامي ڀائرو! هي هولناڪ ترين مقام جنهن کي جهنم چيو وڃي ٿو، افسوس! جڏهن ان کي محشر جي ميدان ۾ آندو ويندو ته ان وقت اتي عجيب ڪهرام متل هوندو. هڪ ته محشر جو ميدان پاڻ ئي انتهائي گهٻراهٽ سان ڀرڀور آهي، افسوس! اهو وقت جڏهن صُور (هڪ آواز ڪڍڻ جو آلو آهي جنهن) ۾ ڦوڪيو ويندو * سمورا ماڻهو جيڪي قبرن ۾ هوندا * جن کي ساڙي سندن خاڪ هوا ۾ اڏائي وئي هوندي، يا * پاڻيءَ ۾ لوڙهي وئي هوندي * جن کي جانور کائي چڪا هوندا * جيڪي سمنڊ ۾ ڪِري مري ويا
[1]...مسند امام احمد، مسند ابی سعید خدری، جلد:5، صفحہ:76، حدیث:11537۔
[2]...مسند امام احمد، مسند الشامیین، حدیث عبد اللہ بن الحارث...الخ، جلد:7، صفحہ:296، حدیث:18184ملتقطاً۔
[3]...ترمذی، کتاب صفۃ جہنم، باب ما جاء فی صفۃ شراب اہل النار، صفحہ:608، حدیث:2581۔
[4]...صفۃ الجنۃ لابی نعیم، ذکر مکان الجنۃ و قرارہ، جلد:1، صفحہ:153، رقم:132 ملتقطاً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami