Share this link via
Personality Websites!
481100
9603
وَ جِایْٓءَ یَوْمَىٕذٍۭ بِجَهَنَّمَ ﳔ یَوْمَىٕذٍ یَّتَذَكَّرُ الْاِنْسَانُ وَ اَنّٰى لَهُ الذِّكْرٰىؕ(۲۳) (پارو: 30، سورة الفجر: 23)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان ڏينهن جهنم آندو ويندو، ان ڏينهن انسان سوچيندو ۽ هاڻي ان جي لاءِ سوچڻ جو وقت ڪٿي.؟
مولٰي علي شيرِخدا رَضِیَ اللہُ عنہ عرض ڪيو: يا رسولَ الله صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم! جهنم کي قيامت جي ميدان ۾ ڪهڙي طرح آندو ويندو؟ فرمايائون: جهنم کي 70 هزار لغام وِڌا ويندا ۽ هر لغام کي 70 هزار فرشتا ڇِڪي رهيا هوندا. جيڪڏهن فرشتا اُهي لغام ڇڏي ڏين ته جهنم قيامت جي ميدان ۾ موجود سڀني ماڻهن کي ساڙي ڇڏيندو.
روايت ۾ آهي ته جڏهن ان وقت جهنم کي آندو ويندو ته اهو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم جي خدمتِ باسعادت ۾ عرض ڪندو:
مَا لِيْ وَلَكَ يَا مُحَمَّدُ !اِنَّ اللَّهَ قَدْ حَرَّمَ اللهُ لَحْمَكَ عَلَيَّ
ترجمو: اي محمد صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم! اوهان جو مون سان ڪهڙو واسطو....!! بيشڪ الله پاڪ اوهان جو مقدس جسم مون تي حرام فرمائي ڇڏيو آهي.
بس ان کان پوءِ قيامت جي ميدان جي حالت هيءَ هوندي جو هر ماڻهو نفسي نفسي (مون کي پنهنجي فڪر آهي، مون کي پنهنجي فڪر آهي) پڪاري رهيو هوندو ۽ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم اُمتي اُمتي (يعني منهنجي امت، منهنجي امت) فرمائي رهيا هوندا. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami