Share this link via
Personality Websites!
481119
9603
جي به مدد ڪريون * دوستن جي به ڪم اچون * مطلب ته جنهن به مسلمان جي جيڪا به جائز ضرورت هجي، اسان پنهنجي وَسَ آهر صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا خاطر ان جي مدد ڪريون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ اسان کي جهنم کان بچائي جنت ۾ داخلا نصيب فرمائيندو.
حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللہُ عنہما کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: جيڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪندو، قيامت جي ڏينهن مان ان جي ميزان وٽ بيٺو هوندس. جيڪڏهن ان جي نيڪين وارو پُڙُ ڳورو ٿيو ته ٺيڪ، نه ته مان ان جي شفاعت ڪندس. ([1])
شَفاعت حشر میں فرماؤ گے جب خوش نصیبوں کی
مجھے کر لینا آقا اُن میں شامل یارسولَ اللہ!
الله پاڪ اُن دل کي عذاب نه ڏيندو آهي
حضرت ابو اُمامه رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: قرآن پڙهندا ڪريو! بيشڪ جنهن دل ۾ قرآن ڪريم هوندو آهي، الله پاڪ ان دل کي عذاب نه ڏيندو آهي. ([2])
فلموں سے ڈراموں سے دے نفرت تُو الہٰی!
بس شوق مجھے نعت و تلاوت کا خُدا دے([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami