Share this link via
Personality Websites!
481117
9603
صحابيءِ رسول الله صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما کان روايت آهي ته شهنشاههِ مدينه، قرارِ قلب و سينه، صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: جنهن شخص ثواب جي نيت سان 7 سالن تائين آذان ڏني، ان جي لاءِ جهنم کان نجات لکي ويندي آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ ! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي رضا خاطر آذان ڏيڻ به جهنّم کان بچائڻ وارو عمل آهي. ڪاش! اسان آذان ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، آذان ڏيڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي اَلحَمۡدُلله! اسان مسلمان آهيون ۽ ننڍپڻ کان ئي آذان ٻڌندا پيا اچون. پوري آذان ۾ صرف 15 ڪلما آهن. اِهي ڪلما چڱيءَ طرح ياد ڪري ڪنهن عاشقِ رسول قاري صاحب کي ٻڌائي ڇڏيو! پوءِ وقت بوقت صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا خاطر مسجد ۾ آذان ڏيندا رهو. الله پاڪ چاهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بيشمار ثواب به حاصل ٿيندو ۽ جهنم کان نجات به نصيب ٿي ويندي.
(5) باجماعت نماز جو اهتمام ڪريو
صحابيءِ رسول الله صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه، صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا خاطر 40 ڏينهن تائين تڪبيرِ اُوليٰ سان باجماعت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami