Share this link via
Personality Websites!
481115
9603
حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما کان روايت آهي ته سرڪارِ مدينه قرارِ قلب و سينه، صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: 2 قِسم جي اکين کي جهنّم جي باهه نه ڇُهندي (1): اُها اکِ جيڪا رات جي ڪنهن حصي ۾ الله پاڪ جي خوف سبب روئي (2): ۽ ٻي اها اکِ جيڪا الله پاڪ جي راهه ۾ پهرو ڏيندي رات گذاري. ([1])
خوفِ خدا سبب روئڻ جي عادت ڪيئن بڻائجي؟
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي خوف سبب روئڻ جهنم کان بچائڻ وارو عمل آهي. ڪاش! اسان کي خالص الله پاڪ جي رضا خاطر سندس خوف وِچان روئڻ نصيب ٿي وڃي.
روزانو اڪيلائيءَ ۾، جيڪڏهن ٿي سگهي ته قبرستان وڃي، اکيون بند ڪري ويهي رهو، پنهنجي ڪمزوريءَ ۽ بيوسيءَ جو تصور ڪريو، پنهنجن گناهن کي ياد ڪريو ۽ سوچيو ته * افسوس! جيڪڏهن گناهن جي ڪري منهنجي پڪڙ ٿي وئي ۽ الله پاڪ مون کان ناراض ٿي ويو ته مان ڇا ڪندس؟ * افسوس! جلد ئي حضرت مَلَڪُ الموت عليه السَّلام تشريف کڻي ايندا ۽ منهنجو روح قبض ڪيو ويندو، پوءِ ٿوري ئي دير ۾ منهنجا پيارا عزيز ۽ مائٽ مون کي غسل ڏئي، ڪفن پارائي، نمازِ جنازه ادا ڪرڻ کان پوءِ هڪ انتهائي اونداهي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيندا، اهڙي سوڙهي جاءِ، اهڙي اڪيلائي، وحشت ۽ سخت اونداهي جنهن جو اڳ ڪڏهن تجربو نه ڪيو هوندو، اڃان موت جون تڪليفون ئي گهٽ نه ٿيون هونديون ته قبر جي وحشت...! ۽ اڃان اِها وحشت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami