Share this link via
Personality Websites!
481113
9603
ته الله پاڪ تنهنجي لاءِ جهنم کان امان لکي ڇڏيندو. اهڙي طرح مغرب جي نماز کان پوءِ به ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان اڳ اِهي ئي ڪلما: اَللّٰہُمَّ اَجِرْنِی مِنَ النَّار (اي الله! مون کي جهنم کان بچاءِ). ست ڀيرا پڙهندو ڪر. پوءِ جيڪڏهن تون ان ئي رات وفات ڪري وئين ته الله پاڪ تنهنجي لاءِ جهنم کان امان لکي ڇڏيندو. ([1])
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
ثُمَّ نُنَجِّی الَّذِیْنَ اتَّقَوْا (پارو: 16، سورة مريم: 72)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ اسان پرهيزگارن کي بچائي وٺنداسين.
اي عاشقانِ رسول! هن آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيامت جي ڏينهن سڀني کي جهنم جي مٿان (يعني پل صراط) تان گذرڻو آهي، ان وقت نجات اُهي ماڻيندا، جيڪي تقويٰ وارا، پرهيزگار آهن.
تقويٰ گناهن کان بچڻ جو نالو آهي. حضرت سَهل بن عبدالله تُستري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو شخص چاهي ٿو ته سندس تقويٰ درست ٿي وڃي ته اهو سمورن گناهن کي ڇڏي ڏئي. ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami