Share this link via
Personality Websites!
481111
9603
اندھیری آگ ہو گی، روشنی بالکل نہیں ہو گی
کرم کر دو یہ سب کیسے سہوں گا یارسولَ اللہ! ([1])
جهنم کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو!
الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: اي انسانو! جنت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو ۽ پوري ڪوشش سان جهنم کان پري ڀڄو....! بيشڪ جنت جو طلبگار ڪڏهن به غافل نه ٿيندو آهي، بيشڪ جهنم کان ڀڄڻ وارو ڪڏهن به غفلت جي ننڊ نه سمهندو آهي، بيشڪ آخرت ناپسنديده ڪمن سان ڀريل آهي، يعني آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ نفساني خواهشن کي ڇڏڻو پوندو آهي، جڏهن ته دنيا لذتن ۽ خواهشن سان ڀريل آهي. تنهنڪري دنيا جون اِهي لذتون ۽ خواهشون توهان کي هرگز آخرت کان غافل نه ڪن. ([2])
جهنم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارا اعمال
اي عاشقانِ رسول! يقيناً جهنم جا عذاب برداشت ڪرڻ اسان مان ڪنهن جي به وَسَ جي ڳالهه نه آهي. اڃان اسان جيئرا آهيون، اسان جا ساههَ هلي رهيا آهن ۽ اڃان اسان کي موقعو آهي. اچو ته نيڪ عمل ڪريون، الله ۽ رسول جي رضا ڏيارڻ وارا، جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪريون.
اچو ته جهنم کان نجات ڏيارڻ وارا ڪجهه عمل هن نيت سان ٻڌون ته انهن کي باقاعدگيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائينداسين. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami