Share this link via
Personality Websites!
481109
9603
هڪ ڀيري حضرت جبرائيل اَمين عليه السَّلام بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا ته سندن رنگ بدليل هو. رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم پڇيو: اي جبرائيل! ڇا ڳالهه آهي؟ مان اوهان جو رنگ بدليل ڏسي رهيو آهيان. حضرت جبرائيل اَمين عليه السَّلام عرض ڪيو: يا رسولَ الله صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم! هن وقت الله پاڪ جهنم کي ڀڙڪائڻ جو حڪم ڏنو آهي. رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: اي جبرائيل! مون کي جهنم جي باري ۾ ٻڌايو! حضرت جبرائيل امين عليه السَّلام عرض ڪيو: يارسولَ الله صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم! * الله پاڪ جهنم کي حڪم ڏنو ته ان جي باهه کي هڪ هزار سالن تائين ڀڙڪايو ويو، ايتري تائين جو اها اَڇِي ٿي وئي* پوءِ ان کي وڌيڪ هڪ هزار سالن تائين ڀڙڪايو ويو، ايسيتائين جو اها ڳاڙهي ٿي وئي * پوءِ ان کي اڃان وڌيڪ هڪ هزار سالن تائين ڀڙڪايو ويو، ايسيتائين جو اُها بلڪل ڪاري ٿي وئي. هاڻي جهنم جي باهه بلڪل ڪاري آهي نه ان ۾ ڪا چڻنگ روشن ٿي رهي آهي، نه ان جو ڀڙڪڻ ختم ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ان جا شعلا وِسامي رهيا آهن. قسم آهي ان ذات جو، جنهن اوهان کي سچو نبي بڻائي موڪليو آهي، جيڪڏهن جهنم کي سُئيءَ جي سوراخ جيترو به کوليو وڃي ته زمين تي رهندڙ سمورا جاندار فنا ٿي وڃن. ان ذات جو قسم، جنهن اوهان کي حق سان گڏ موڪليو آهي، جيڪڏهن جهنم جي زنجيرن جو هڪ ڪَڙو دنيا جي جبلن تي رکيو وڃي ته اهي ڀورا ڀورا ٿي زمين جي اندر هليا وڃن. ([1])
خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یاربّ!
میرا نازُک بَدن جہنَّم سے از طفیلِ رضا بچا یاربّ!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami