Share this link via
Personality Websites!
480968
9599
وَ اِنَّ مِنۡہَا لَمَا یَشَّقَّقُ فَیَخۡرُجُ مِنۡہُ الۡمَآءُ ؕ وَ اِنَّ مِنۡہَا لَمَا یَہۡبِطُ مِنۡ خَشۡیَۃِ اللّٰہِ ؕ
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ پٿرن مان ته ڪجھ اهي آهن جن مان نديون وهي نڪرن ٿيون ۽ ڪجھ اهي آهن جو جڏهن ڦاٽي پون ٿا ته انهن مان پاڻي نڪرندو آهي ۽ ڪجھ اهي آهن جيڪي الله پاڪ جي ڊپ کان ڪِري پوندا آهن.
(سيپارو: 1، البقرة: 74)
يعني جبلن ۾ خوفِ خدا به هوندو آهي، ۽ اهو به ان درجي تائين جو ان خوف سبب انهن مان شاخون وهي پونديون آهن، جبل ڦاٽي پوندا آهن، ڪجھ جبلن جون وڏيون وڏيون ٽڪريون خوفِ خدا سبب لڙهي هيٺ ڪري پونديون آهن.
امام ابو القاسم قُشيري رَحْمَةُ الله عَلَيْه لکن ٿا: الله پاڪ جا هڪ نبي عَلَيْهِ السَّلَام ڪنهن هنڌان لنگهي رهيا هئا ته پاڻ رستي ۾ هڪ ننڍڙو پٿر ڏٺائون جنهن مان مسلسل پاڻي وهي رهيو هو. ڪنهن وڏي جبل مان چشمو وهڻ ته معمول جي ڳالهه آهي، پر هڪ ننڍڙي پٿر مان پاڻي نڪرڻ ۽ اهو به لاڳيتو وهندو رهڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. پٿر مان پاڻي وهندڙ ڏسي الله پاڪ جي نبي عَلَيْهِ السَّلَام کي تعجب ٿيو ته الله پاڪ ان پٿر کي ڳالهائڻ جي سگهه عطا فرمائي. پٿر عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيْهِ السَّلَام! جڏهن کان مون کي خبر پئي آهي ته جهنم جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، تڏهن کان مان خوفِ خدا سبب روئي رهيو آهيان، اوهان عَلَيْهِ السَّلَام مون مان جيڪو پاڻي نڪرندي ڏسي رهيا آهيو، اهو پاڻي ناهي بلڪه منهنجا ڳوڙها آهن جيڪي خوفِ خدا مان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami