Share this link via
Personality Websites!
480967
9599
ڪنڊا ئي ملن (برڪت لاءِ اهي ئي چٻاڙيندا ڪريو!) ([1])
علامه مُناوي رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪنڊا چٻاڙڻ جهڙي شيءِ ناهن، انهن کي چٻاڙڻ لاءِ تمام گهڻي مشقت ۽ تڪليف کڻڻي پوندي، فرمانِ مصطفى صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مطلب هي آهي ته اُحد جبل جيڪو بيحد بابرڪت آهي، ان سان نسبت رکندڙ وڻن مان جيڪڏهن آسانيءَ سان فيض ۽ برڪت نه ملي سگهي ته پوءِ پاڻ کي تڪليف ڏئي به برڪت حاصل ڪريو! ([2])
جس کے جلوے سے اُحُد ہے تاباں، معدنِ نُور ہے اس کا داماں
ہم بھی اس چاند پہ ہو کر قُرباں دِلِ سنگیں کی جِلا کرتے ہیں([3])
وضاحت: يعني اهي ماههِ طيبه، حضرت بي بي آمنه رَضِيَ الله عَنْهَا جا مبارڪ چنڊ، مڪي مديني جا تاجدار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، جن جي جلوَن سان اُحد جبل چمڪي رهيو آهي ۽ ان جو دامن نور جي کاڻ بڻيل آهي، اسان به انهن ماههِ طيبه صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تان فدا ٿي، سندن سچي عشق وسيلي پنهنجي سخت دلين جي بيماريءَ جو علاج ڪريون ٿا.
بهرحال! ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ته جبلن ۾ به شعور هوندو آهي، البت اسان کي ان جي خبر ناهي هوندي. هيء شعور ڪهڙي حد تائين هوندو آهي ۽ ڪهڙي ڪهڙي طرح جو هوندو آهي؟ الله پاڪ فرمايو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami