Share this link via
Personality Websites!
480982
9599
رهجي وئي، ناهي پڙهي ۽ اڃا عشاء جو وقت شروع ناهي ٿيو، ته فوراً پڙهي وٺو! اها نماز ادا ئي شمار ٿيندي، قضا نه ٿيندي. البت! هي ياد رکو ته مغرب جي نماز ۾ ايتري دير ڪرڻ جو تارا گهڻا نڪري اچن مڪروھِ تحريمي يعني گناهه جو ڪم آهي. لهٰذا مغرب جي نماز جلدي پڙهڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: منهنجي اُمّت جيستائين مغرب جي نماز ۾ جلدي ڪندي رهندي، تيستائين ڀلائيءَ تي قائم رهندي. ([1])
الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سِکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪڏهن به تنگدستي نه ايندي (وظيفو)
یَا رَزَّاقُ (اي تمام گهڻو رزق ڏيندڙ!)
جيڪو به شخص صبحِ صادق کان پوءِ ۽ فجر جي نماز کان اڳ پنهنجي گهر جي چئني ڪُنڊن ۾ بيهي ڏهه ڏهه (10) ڀيرا پڙهي، یَا رَزَّاقُ پڙهي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾ ڪڏهن به تنگدستي نه ايندي.([2]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami