Share this link via
Personality Websites!
480980
9599
قرآن بڻايو پر هو نماز نٿو پڙهي. ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الله عَلَيْه جن فرمايو: ان کي اسان وٽ وٺي اچجو. جيئن ته مريد ٻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: حضور! فتح محمد حاضر آهي. ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الله عَلَيْه کائنس وڏي پيار ۽ شفقت سان پڇيو: فتح محمد! نماز ڇو نٿو پڙهين؟ عرض ڪيائين: نماز ۾ منهنجي دل نٿي لڳي، جي نماز پڙهائڻي آهي ته دل لڳائي ڏيو.
ميان شير محمد رَحْمَةُ الله عَلَيْه چٽائي تي سُتا پيا هئا، فتح محمد جي اها ڳالهه ٻڌي جوش ۾ اُٿي بيٺا ۽ شهادت واري آڱر سان سندس دل ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون: وڃ! هاڻي دل لڳندي. بس، الله پاڪ جي ڪامل وليءَ جو ايترو ئي فرمائڻ هو جو هاڻي فتح محمد جي اها ڪيفيت ٿي وئي، جو ظُهر جي نماز شروع ڪندو هو ته عصر تائين ظُهر ئي مڪمل ٿيندي هئي، ۽ عشاء جي نيت ٻڌندو هو ته فجر ٿي ويندي هئي. ([1])
طیبہ سے مَنْگائی جاتی ہے، سِیْنوں میں چُھپائی جاتی ہے
تَوحید کی مَے پیالے سے نہیں، نظروں سے پِلائی جاتی ہے
الله پاڪ اسان کي اولياءِ ڪرام سان محبت ڪرڻ، نگاههِ ڪرم جو طلبگار رهڻ ۽ فقط نيڪ صحبت ئي اختيار ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami