Share this link via
Personality Websites!
480979
9599
ٿا: گناهن جي ڪري دل آهستي آهستي مِيري ٿيندي آهي (مثلاً هڪ گناهه ڪرڻ سان دل تي هڪ ڪارو داغ لڳي ويندو آهي، ٻيو گناهه ڪرڻ سان ٻيو داغ لڳي ويندو، ائين آهستي آهستي دل کي ڪَٽ لڳي ويندو آهي) ۽ مِيري دل عبادتن ذريعي آهستي آهستي صاف ٿيندي آهي، پر نيڪ ٻانهن سان دشمني رکڻ سبب دل تي آهستي آهستي نه، بلڪه هڪدم مُهر لڳي ويندي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن نيڪ ٻانهي جي نگاههِ عنايت ٿي وڃي ته مِيري دل هڪدم صاف سُٿري ۽ چمڪندڙ ٿي پوندي آهي.([1]) ان ڪري ته چوندا آهن:
یَکْ زمانہ صحبتِ بااَوْلیا بہتر اَز صَدْ سَالہ طَاعَتِ بے رِیا
وضاحت: يعني سوين ورهين جي بي ريا عبادت هڪ پاسي، ۽ ڪنهن وليءِ ڪامل جي ڪجھ گهڙين جي صحبت ٻئي پاسي! هيءَ صحبتِ ولي جيتري تيزيءَ سان اثر ڪندي آهي، عبادت اوتري تيزيءَ سان اثرانداز ناهي ٿيندي. (ياد رهي ته هن مان هرگز اهو مطلب ناهي ته نماز ۽ روزو ترڪ ڪري رڳو نيڪ ٻانهن جي صحبت ئي اختيار ڪجي، ائين ڪرڻ سان ته ابتو نقصان ٿيندو. ٻيو ته نيڪ ٻانهن جي صحبت نمازين کي بي نمازي نه، بلڪه بي نمازين کي نمازي بڻائيندي آهي).
ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الله عَلَيْه پاڪستان جي مشهور اولياءِ ڪرام مان آهن، هڪ ڀيري سندن هڪ مريد خدمتِ اقدس ۾ عرض ڪيو: سائين! منهنجو هڪ پٽ آهي: فتح محمد. مون ان کي وڏي چاهه ۽ شوق سان حافظِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami