Share this link via
Personality Websites!
480977
9599
اِبنِ ابي الدنيا رَحْمَةُ الله عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيرو هڪ عورت سيده عائشه صديقه، طيبه، طاهره رَضِيَ الله عَنْهَا جي خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿي ۽ پنهنجي دل جي سختيءَ جي شڪايت ڪيائين. پاڻ رَضِيَ الله عَنْهَا فرمايائون: اَکْثِرِیْ مِنْ ذِکْرِ الْمَوْتِ يعني موت کي گهڻي کان گهڻو ياد ڪندي ڪر!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها عورت وري آئي ۽ سيده عائشه صديقه رَضِيَ الله عَنْهَا جو شڪريو ادا ڪيو (ته مون اوهان جي ٻڌايل نسخي تي عمل ڪيو ته الله پاڪ جو فضل ٿيو، موت جي ياد رنگ لاتو ۽ دل جي سختي دور ٿي وئي). ([1])
معلوم ٿيو ته موت جي ياد سان دل جو زنگ نهايت تيزيءَ سان لهندو آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته وقت بوقت موت کي ياد ڪندا رهون.
حضرت سعيد بن جُبير، ربيع بن ابو راشد ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الله فرمائن ٿا: جيڪڏهن هڪ گهڙيءَ لاءِ به موت جي ياد دل کان پري ٿي وڃي ته دليون بگڙجي وينديون آهن. ([2])
الله اڪبر! موت جي ياد گهڙي کَن به دل مان نڪري وڃي ته دل بگڙجي ويندي آهي، جڏهن ته اسان کي ته موت ياد ئي ناهي ايندو، جيڪڏهن ياد اچي به وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن، اهو به صرف گهڙي کَن لاءِ. هاءِ افسوس! اسان جي دلين جو ڇا حال ٿيندو...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami