Share this link via
Personality Websites!
480976
9599
واسطہ میرے پیر و مرشِد کا مجھ کو تُو متقی بنا یارَبّ!([1])
دل جي سختي مٽائڻ ۽ ان کي نرم ڪرڻ جا ٽي نسخا پيش خدمت آهن:
الله پاڪ جي ذڪر جي ڪثرت سان دل جو زنگ لهي ويندو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي، الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جن فرمايو: ”بيشڪ جهڙيءَ طرح لوهه (Iron) کي ڪَٽ (زنگ) لڳندو آهي، ايئن دليون به زنگ آلود ٿي وينديون آهن.“ عرض ڪيو ويو: يا رسولَ الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! دل جي ڪَٽ جو علاج ڇا آهي؟ فرمايائون: ”موت کي گهڻو ياد ڪرڻ ۽ ذڪرِ الاهيءَ جي ڪثرت ڪرڻ. ([2])
کاش لَبْ پر مِرے رہے جاری ذِکْر آٹھوں پَہَر ترا یاربّ!
چَشمِ تَر اور قلبِ مُضْطَر دے اپنی اُلفت کی مَے پِلا یاربّ! ([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! دل جو زنگ لاهڻ وارو ٻيو نيڪ عمل آهي: موت جي ياد. جي ها! موت کي ياد ڪرڻ سان به دل جو زنگ دور ٿيندو آهي. امام
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami