Share this link via
Personality Websites!
480975
9599
سبب (Reasons) آهن: مثال طور * فضول ڳالهائڻ (يعني بنا ضرورت مسلسل ڳالهائيندو رهڻ) سان دل سخت ٿيندي آهي. پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: الله پاڪ جي ذڪر کان سواءِ گهڻيون ڳالهيون ڪرڻ دل کي سخت ڪري ڇڏيندو آهي. ([1]) * اهڙي طرح گهڻو کلڻ سان دل سخت ٿيندي آهي، حديثِ شريف ۾ آهي: اِنَّ کَثْرَۃَ الضِّحْکِ تُمِیْتُ الْقَلْبَ يعني بيشڪ گهڻو کلڻ دل کي مرده (Dead) ڪري ڇڏيندو آهي. ([2]) * ائين ئي گهڻو کائڻ، خصوصاً حلال ۽ حرام جي پرواهه ڪرڻ بنا کائيندو رهڻ دل کي مردو ڪري ڇڏيندو آهي * ۽ دل کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائيندڙ شيءِ گناهه آهي. گناهه چاهي ننڍو هجي يا وڏو، دل تي بُرو اثر (Bad Effect) وجهندو آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
کَلَّا بَلۡ ٜ رَانَ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ مَّا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ (۱۴)
ترجموڪنزُالعرفان: بلڪه انهن جي ڪيل عملن انهن جي دلين تي ڪٽ چاڙهي ڇڏيو آهي.
(سيپارو: 30، مطففين: 14)
دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد کوئی ایسی ہَوا چَلا یارَبّ!
نفس و شیطان ہو گئے غالِب اُن کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ!
نِیْم جاں کر دیا گُنَاہوں نے مَرضِ عِصْیاں سے دے شِفا یارَبّ!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami