Share this link via
Personality Websites!
480971
9599
ترجموڪنزُالعرفان: پوءِ ان کان بعد توهان جون دليون سخت ٿي ويون ته اهي پٿرن جيان آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ سخت.
(سيپارو: 1، البقرة: 74)
هي بني اسرائيل جو عيب بيان ڪيو ويو ته انهن جون دليون پٿرن کان به وڌيڪ سخت ٿي ويون هيون، ان ڪري مٿن ڪنهن به نصيحت جو ڪو اثر نه ٿيندو هو. اسان کي حڪم آهي ته هن بدبختيءَ کان بچون، پنهنجي دل جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪريون ۽ ان کي ڪڏهن به مُردار ٿيڻ نه ڏيون.
مُردھ دل وارن جھڙا نه ٿي وڃو...!!
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَا یَکُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ مِنۡ قَبۡلُ فَطَالَ عَلَیۡہِمُ الۡاَمَدُ فَقَسَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ ؕ
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ مسلمان انهن جهڙا نه ٿين جن کي پهريان ڪتاب ڏنو ويو پوءِ انهن تي مدت ڊگهي ٿي وئي پوءِ انهن جون دليون سخت ٿي ويون.
(سيپارو: 27، الحديد: 16)
هن مبارڪ آيت ۾ الله پاڪ اڳين قومن جو ذڪر فرمايو ته اهي ماڻهو جن کي اڳ ۾ ڪتاب عطا ڪيو ويو هو، اهي وڏين اميدن ۾ پئجي ويا، جنهن ڪري انهن جون دليون سخت ٿي ويون. تنهنڪري، اي مسلمانو! اي محبوبِ ذي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سچا غلامو! اوهان هرگز انهن اهلِ ڪتاب جهڙا نه ٿي وڃجو! بلڪه ڊگهين اُميدن کان به بچو ۽ پنهنجي دلين جي به ڀرپور حفاظت ڪريو...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami