Share this link via
Personality Websites!
480493
9573
عبادت ڪندا آهيو، جيڪڏهن اُهو واقعي سچو ربُ آهي ته دعا ڪريو ته هيءَ ميز ۽ ٿانوَ ٻيهر پنهنجن پاڙن تي بيهن ۽ جيئن اڳ ۾ سرسبز وڻ هئا، هاڻي به ايئن ئي ٿي وڃن. اِهو ٻڌي حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ٻاڏائي ٻاڏائي دعا گهري، جيئن ئي دعا مڪمل ٿي ته فوراً ميز ۽ ٿانون ۾ پن ڦٽڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن جون پاڙون ٺهي زمين ۾ کُپي ويون. ڏِسندي ئي ڏِسندي اُهي ئي ٿانوَ ۽ ميز، جيڪي سامهون موجود هئا، ٻيهر سرسبز وڻ بڻجي ويا ۽ انهن تي گُل به ڦٽي پيا.[1]
پر افسوس! بادشاهه جي دل انتهائي سخت هئي. اهڙيون اعليٰ ۽ بلڪل واضح نشانيون ڏسڻ جي باوجود به هو حق قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو.
تقريباً 7 سالن تائين حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ اهڙي طرح تڪليفون برداشت ڪندا رهيا ۽ کين نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا. سندن انهن لڳاتار ڪوششن جي برڪت سان 34 هزار ماڻهن ايمان قبول ڪيو، جن ۾ بادشاهه جا گهَر ڀاتي به شامل هئا. آخرڪار بادشاهه حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي شهيد ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ بادشاهه ۽ سندس غير مسلم رعايا تي آسمان مان باهه وَسِي ۽ اُهي سڀ سڙي خاڪ ٿي ويا. ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami