Share this link via
Personality Websites!
480492
9573
ڀيرا شهيد ڪيو، پر الله پاڪ هر ڀيري سندن روح مبارڪ واپس موٽايو ۽ کين ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو.[1]
هاڻي اِهي خبرون سڄي شهر ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ويون هيون. جڏهن هڪ غريب عورت حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جون ڪرامتون ٻڌيون ته اها سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين: اي جَرجِيس! مان هڪ غريب عورت آهيان مون وٽِ هڪ ئي ڏاندُ هو، جنهن جي ذريعي مان هَرُ هلائيندي هيس. منهنجو ڏاند مري ويو آهي. افسوس! هاڻي مون وٽِ گذر سفر جو ڪو به ذريعو (Source of Income) باقي نه رهيو آهي. مهرباني ڪري پنهنجي ربَ کي چئي منهنجو ڏاند زنده ڪرائي ڏيو.
اهو ٻڌي پاڻ روئڻ لڳا پوءِ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا گهريائون ۽ هڪ لٺ تي دَم ڪري اها عورت کي ڏيندي فرمايائون: هيءَ لٺ وڃي پنهنجي ڏاندَ کي هڻ، الله پاڪ جي حڪم سان تنهنجو ڏاندُ زنده ٿي ويندو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو عورت جيئن ئي اها لٺ پنهنجي ڏاندَ کي هَنئي ته اهو الله پاڪ جي حڪم سان فوراً زنده ٿي ويو.[2]
بادشاهه جو هڪ وڏو وزير هو. هڪ ڏينهن ان حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي عرض ڪيو: اي جَرجِيس! سامهون ڏسو! هيءَ ڪاٺ جي ٺهيل هڪ وڏي ميز آهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺ جا ٺهيل ٿانوَ رکيل آهن. جنهن ربَ جي اوهان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami