Share this link via
Personality Websites!
480491
9573
توکي ٻڌايو ته آهي ته منهنجو ربُّ هڪ آهي، اهو جانِ کان به وڌيڪ ويجهو آهي، ان ئي ربَ رحمٰن مون کي بچايو ۽ صبر جي توفيق عطا فرمائي. ([1])
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حَسَن بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کار ساز کا([2])
* ان کان پوءِ بادشاهه حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي قيدخاني ۾ بند ڪرائي ڇڏيو ۽ قيد به هن طرح ڪرايائين جو کين مُنهَن ڀر ليٽائي، سندن هٿن ۽ پيرن ۾ ميخون هڻائي ڇڏيائين ۽ سندن مبارڪ پٺيءَ تي هڪ تمام وزني پٿر رکرائي ڇڏيائين.
پاڻ ان ئي قيد ۾ هئا، جڏهن رات ٿي ته هڪ فرشتو انهن وٽ آيو ۽ کين قيد مان آزاد ڪرائي ڇڏيائين. آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ٻيهر بادشاهه ۽ سندس رعايا کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
جڏهن پاڻ قيد مان آزاد ٿي ٻاهر تشريف کڻي آيا ته بادشاهه کين ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پڇيائين: اي جَرجِيس! توکي قيد مان ڪنهن آزاد ڪرايو؟ پاڻ فرمايائون: ان ئي ربَ ڪريم آزاد ڪرايو آهي، جنهن جي بادشاهي تنهنجي بادشاهيءَ کان گهڻو مضبوط آهي.
ان کان پوءِ به کين ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ان بدنصيب بادشاهه حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي 4
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami