Share this link via
Personality Websites!
480490
9573
پر الله پاڪ جي قدرت ڏسو! گوشت ڇلجي ويو، رڳون ڪٽجي ويون، ان جي باوجود حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي موت نه آيو.
* جڏهن بادشاهه ڏٺو ته کين موت ئي نه ٿو اچي، تڏهن هن سزا بدلائي ڇڏي، چيائين: لوهه جون ڪِليُون باهه ۾ چڱي طرح گرم ڪري جَرجِيس جي مٿي ۾ ٺوڪيون وڃن، ان حڪم تي به فوراً عمل ڪيو ويو. الله پاڪ جي قدرت ۽ حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي ڪرامت هئي جو ايتري سخت ترين تڪليف جي باوجود به کين موت نه آيو.
* پوءِ بادشاهه ٽامي جو هڪ وڏو ٿانوُ گهرايو، ان کي باهه تي رکيو ويو، جڏهن ٽامو چڱي طرح گرم ٿي ويو ته حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي ان جي اندر وجهي مٿان کان بند ڪيو ويو.
الله! الله! ڪيڏي نه سخت تڪليف آهي. اسان وٽ اوون (Oven) ۾ ڪا شيءِ ٻن کان ٽن منٽن لاءِ رکي وڃي ته اها ڀُڃجي پچي ويندي آهي. توهان اندازو لڳايو ته ٽامي جي انتهائي گرم ٿانوَ اندر حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي ڪيتري سخت تڪليف ٿي هوندي. پر قربان وڃجي! اُهو ئي ربّ ڪريم، جنهن حضرت ابراهيم عليه السَّلام لاءِ نمرود جي باهه کي گلزار بڻائي ڇڏيو هو، ان ئي ربَّ رحمٰن حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي به مدد فرمائي ۽ ٽامي جي تتل گرم ٿانوَ کين ڪا تڪليف نه پهچائي.
ايتريون تڪليفون ڏيڻ کان پوءِ بادشاهه حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي گهرايو ۽ کانئس پڇيو: اوهان کي هيڏيون ساريون تڪليفون ڏنيون ويون، ڇا اوهان کي ٿورو به سُورُ نه ٿيو؟ پاڻ وڏي اطمينان سان فرمايائون: مون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami