Share this link via
Personality Websites!
480489
9573
پاڻ به شرڪ ۾ مبتلا آهين ۽ ٻين کي به شرڪ ۾ مبتلا ڪري رهيو آهين. حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي بلڪل واضح ۽ نهايت اعليٰ گفتگو ٻڌڻ کان پوءِ به بادشاهه کي هوش نه آيو، ان بدبخت رهندو سرڪشي ڪندي چيو: اي جَرجِيس! اَفَلُّون کي سجدو ڪر، يا باهه جو عذاب سهڻ لاءِ تيار ٿي وڃ!
پاڻ رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ شِرڪ کان باز رهيا ۽ پنهنجي ايمان تي ثابت قدم رهيا، هاڻي پاڻ اڪيلا هڪ طرف هئا ۽ ٻئي طرف بادشاهه، ان جي فوج ۽ سندس سمورو شان ۽ شوڪت هئي. تنهنڪري ان ئي وقت کان حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جون آزمائشون شروع ٿي ويون. هاڻي ڏسو ته الله پاڪ جي هن نيڪ ٻانهي ۽ باڪمال مبلغ ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪيون.
بادشاهه جو حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ تي ظلم
* بادشاهه حڪم ڏنو ته: جَرجِيس جي جسم کي لوهه جي ڦڻين سان ڇِليو وِڃي، جيسيتائين سندن کل ۽ گوشت ڪٽجي نه وڃي، تيسيتائين اِها سزا جاري رکي وڃي. بادشاهه جي حڪم تي فوراً عمل ڪيو ويو، لوهه جي ڦڻين سان سندن مقدس جسم کي ڇِليو ويو، ايسيتائين جو گوشت ڦاٽي پيو ۽ هڏيون نظر اچڻ لڳيون، جڏهن سندن سمورو جسم ڇلجي زخمي ٿي ويو ته انهن زخمن جي مٿان سُرڪو هاريو ويو.
اللهُ اڪبر! اوهان تصور ڪري سگهو ٿا ته اها ڪيڏي نه سخت سزا آهي! هڪ زنده انسان جي جسم کي لوهه جي ڦڻين سان ڇِليو پيو وڃي ۽ زخمن تي سرڪو هاريو پيو وڃي. کين ڪيتري سخت تڪليف ٿي رهي هوندي!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami