Share this link via
Personality Websites!
480513
9573
حِلم (قُوتِ برداشت) سنتِ مصطفيٰ آهي
مصطفيٰ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جا ٻه فرمان آهن: (1): حِلم وارو شخص دنيا ۾ به سردار آهي ۽ آخرت ۾ به سردار آهي. ([1]) (2): حِلم جي ذريعي ٻانهو ڏينهن جو روزو رکڻ ۽ رات جو قيام (يعني عبادت ڪرڻ) واري جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! حِلم، سنتِ مصطفيٰ آهي.[3] * اسان جي پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ڪڏهن به اجايو ڪاوڙ نه ڪئي * پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم پنهنجي ذات جي معاملي ۾ ڪنهن کان به انتقام نه وٺندا هئا * اڳين آسماني ڪتابن ۾ سندن هي وصف به بيان ٿيو آهي ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سان جيترو جاهلاڻو رَوَيو اختيار ڪيو ويندو، سندن حِلم اوترو ئي وڌندو ويندو.([4])
حِلم جي باري ۾ مدني گُلَ: * حِلم الله پاڪ جي صفت آهي * حِلم الله پاڪ جي پسنديده صفت آهي * حِلم نبين سڳورن جي سنت آهي * حِلم جي معنيٰ آهي: آهستگي، بردباري (نرم مزاجي).
امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: تَحَمُل (يعني بردباري) ڪاوڙ پيئڻ کان وڌيڪ افضل آهي، ڇوته ڪاوڙ کي برداشت ڪرڻ جي ضرورت ان شخص کي پوندي آهي، جنهن جي ڪاوڙ تمام گهڻي وڌي وڃي، جڏهن ته حِلم واري شخص کي ڪاوڙ جي وقت جوش ايندو ئي نه آهي. ([5]) * حِلم سان بزرگي ملندي آهي.
[1]...جامع صغیر، صفحہ:233،حدیث:3831۔
[2]...مَجْمَعُ الزَّوائِد، کتابُ الْاَدب، باب حُسْنِ اَخْلاق کے بیان میں، جلد:8، صفحہ:19، حدیث:12687۔
[3] معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:369، حدیث:6273۔
[4]... ابن حبان، کتاب البر والصلۃ، باب الاستحباب للمرء ان ...الخ، صفحہ:194، حدیث:288 ماخوذاً۔
[5]...ا اِحْیَاء العلوم ، کتاب ذم الغضب و الحقد والحسد، بیان فضیلۃ الحلم، جلد:3، صفحہ:218 خلاصۃً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami