Share this link via
Personality Websites!
480507
9573
مَعْذِرَةً اِلٰى رَبِّكُمْ (پارو: 9، سورة اعراف: 164)
ترجمو ڪنزالعرفان: توهان جي رب جي درٻار ۾ عذر پيش ڪرڻ جي لاءِ
يعني اِهي مڃين يا نه مڃين، اسان جو ڪم نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ آهي. جيڪڏهن هي مڃي وٺندا ته انهن جو ڀلو ٿيندو ۽ جيڪڏهن نه مڃيندا ته گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ اِهو عذر ته پيش ڪري سگهنداسين ته مولا! اسان کين سمجهايو هو.
اِهو به نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو هڪ مقصد هوندو آهي ته اسان نيڪيءَ جي دعوت ڏني، اسان سمجهائي ڇڏيو، اسان جو فرض پورو ٿي ويو، هاڻي ٻڌڻ وارو ڄاڻي ۽ ان جو ڪم ڄاڻي. تنهنڪري اهڙا ماڻهو جيڪي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ کان بيزار ٿي ويندا آهن ۽ چوندا آهن ته ڇڏيو سائين! جڏهن ڪنهن کي مڃڻو ئي نه آهي ته پوءِ چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پنهنجو وقت وِڃائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته هن واقعي مان عبرت حاصل ڪن ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو ڪم ڪڏهن به نه روڪين. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي عادت ڪيئن بڻجي؟
نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو ثواب حاصل ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجو معمول بڻائڻ جي لاءِ: * درس ڏيڻ جي عادت اختيار ڪريو! اميرِ اهلِ سنت دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ جا ڪتاب ۽ رسالا مڪتبة المدينه تان ملي ويندا آهن. دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ تان موبائل ۾ ڊائونلوڊ (Download) به ڪري سگهجن ٿا، اُنهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami