Share this link via
Personality Websites!
480506
9573
پر پاڻ پوءِ به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا آهن * بادشاهه ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه ٿي رهيو هو پر ان جي باوجود حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو عمل نه روڪيو. ان مان معلوم ٿيو ته ڪو مڃي يا نه مڃي، اسان کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيندو ئي رهڻ گهرجي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن ماڻهو گناهه ڪرڻ تي ايترو پڪو آهي، جو کيس لک ڀيرا سمجهايو وڃي، تڏهن به هو گناهه ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي، ته پوءِ اسان نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ واري جنتي عمل ۾ ڪمزور ڇو ٿيون؟ اسان کي به گهرجي ته هر وقت نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهون، ڏيندا رهون ۽ لڳاتار ڏيندا ئي رهون.
نه مڃڻ وارن کي به سمجهائيندا رهيا
قرآن ڪريم ۾ آهي: جيڪي ماڻهو انتهائي ضدي ۽ هٺ ڌرم ماڻهن کي به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهندا هئا، انهن کي چيو ويو:
وَ اِذْ قَالَتْ اُمَّةٌ مِّنْهُمْ لِمَ تَعِظُوْنَ قَوْمَاۙﰳ اللّٰهُ مُهْلِكُهُمْ اَوْ مُعَذِّبُهُمْ عَذَابًا شَدِیْدًاؕ-
(پارو: 9، سورة اعراف: 164)
ترجمو ڪنزالعرفان: توهان انهن ماڻهن کي ڇو نصيحت ڪيو ٿا؟ جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا انهن کي سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
يعني هي ضدي ۽ هٺ ڌرم ماڻهو، جن کي ڳالهه مڃڻي ئي نه آهي، سِڌي رستي تي اچڻو ئي نه آهي، انهن تي عذاب ئي نازل ٿيڻو آهي ته پوءِ اهڙي ضدي قوم کي ڇو ٿا سمجهايو؟ انهن تي پنهنجو وقت ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ مبلغين جواب ڏنو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami