Share this link via
Personality Websites!
480505
9573
* محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ حضرت جبرائيل عليه السَّلام کي حڪم ڏنو ته فلاڻي شهر کي ان جي رهواسين سميت تباهه ڪري ڇڏ. حضرت جبرائيل عليه السَّلام عرض ڪيو: اي ربَ! انهن ماڻهن ۾ تنهنجو هڪ فلاڻو نيڪ ٻانهو به آهي، جنهن اک ڇنڀڻ جيتري وقت لاءِ به تنهنجي نافرماني نه ڪئي آهي. الله پاڪ فرمايو: اَقْلِبْهَا عَلَیْهِمْ فَاِنَّ وَجْهَهٗ لَمْ يَتَمَعَّرْ فِیَّ سَاعَةً قَطُّ يعني شهر کي انهن جي مٿان اونڌو ڪري ڇڏ، ڇوته منهنجين نافرمانين کي ڏسي هن جو چهرو ڪڏهن به (ايماني غيرت سبب) تبديل نه ٿيو. ([1])
سُنّتوں کی کروں خوب خدمت ہر کسی کو دوں نیکی کی دعوت
نیک میں بھی بنوں اِلتجا ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ماڻهن جو هي ذهن هوندو آهي ته:
جيڪو مڃي ئي نه ٿو، ان کي چوڻ فضول آهي.
اِها غلط ڳالهه آهي. ڏسو! حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ 7 سالن تائين مسلسل نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا * پاڻ حق ڳالهه چوندا آهن، بادشاهه لوهه جي ڦڻين سان سندن جسم پاڪ کي ڇلرائي ڇڏيندو آهي، پر پاڻ پوءِ به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا آهن * بدبخت بادشاهه لوههَ جون ڪِليون سندن مٿي ۾ ٺوڪرائي ڇڏيندو آهي پر پاڻ پوءِ به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا آهن * بادشاهه سندن هٿن ۽ پيرن ۾ ميخون هڻائي کين جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيندو آهي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami