Share this link via
Personality Websites!
480504
9573
خلافي * تور ۽ ماپ ۾ گهٽتائي * بي حيائي، بي شرمي وغيره جهڙن گناهن کان معاشرو ڪيئن پاڪ ٿيندو.؟
ها ان ۾ اسان جو پنهنجو به نقصان آهي، هڪ مثال جي ذريعي اوهان کي سمجهايان ٿو. فرض ڪريو ته اسان ٻين کي ڪوڙ ڳالهائڻ کان منع ئي نه ٿا ڪريون، ڌوڪو ڏيڻ کان به نه ٿا روڪيون. نتيجي ۾ هر ٻيو يا ٽيون ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندو، ڌوڪا ڏيندو ۽ ٺڳي ڪندو ۽ انهن سڀني معاملن سان اسان کي به مُنهُن ڏيڻو پوندو آهي. جڏهن اسان ملاوٽ ۽ ٻه نمبريءَ کان منع ئي نه ڪنداسين ته معاشري ۾ ملاوٽ عام ٿي ويندي نتيجو ڇا نڪرندو؟ اسان کي به خالص شيون نه ملنديون، نقصان ڪنهن جو ٿيو؟ منهنجو به، معاشري جو به ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو به. مطلب ته اسان سڀني جو نقصان آهي. جيڪڏهن اسان سمورا مسلمان گڏجي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان منع ڪرڻ شروع ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سالن ۽ مهينن ۾ نه، بلڪه ڏينهن ۾ ئي معاشري ۾ تبديلي اچي ويندي. ڪاش! اسان جي ان طرف توجهه ٿي وڃي.
نيڪيءَ جي دعوت نه ڏيڻ جا نقصان
نيڪيءَ جي دعوت نه ڏيڻ جو وبال ڇا آهي؟ ٻڌو! * منهنجي ۽ اوهان جي آقا، محبوبِ خدا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ان ذات جو قسم، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جانِ آهي! يا ته اوهان چڱيءَ ڳالهه جو حڪم ڏيندا ۽ برائيءَ کان منع ڪندا يا الله پاڪ اوهان تي جلد پنهنجو عذاب موڪليندو ۽ پوءِ جڏهن اوهان دعا ڪندا ته اوهان جي دعا قبول نه ڪئي ويندي. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami