Share this link via
Personality Websites!
480503
9573
نيڪيءَ جي دعوت ۽ اسان جون سُستيون
افسوس! هاڻي اسان جي حالت تمام خراب ٿي وئي آهي. نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي آهي، برائيءَ کان منع ڪرڻو آهي، عام طور اسان جو ان طرف ڌيان ئي نه هوندو آهي * گهَر جا ڀاتي نماز نه پڙهندا آهن اسان کين چونداسين ته مڃي ويندا، پر پوءِ به اسان انهن کي نه چوندا آهيون * پٽ بالغ ٿي چڪو آهي، فجر جي نماز وقت سمهيو پيو هوندو آهي کيس اٿارينداسين ته اٿڻ شروع ٿي ويندو، پر اسان کيس اٿاريندا ئي نه آهيون * گهر جون عورتون پردو نه ڪنديون آهن ۽ اسان کين چوندا به نه آهيون * حجام جي دڪان تي ويٺا آهيون، پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ اتي گانا به هلي رهيا آهن ته نه ان کي منع ڪندا آهيون ۽ نه ئي اتان اُٿي ويندا آهيون * بَس ۾ گانا هلي رهيا آهن، پر اسان ڊرائيور کي سمجهائڻ جي همٿ ئي نه ڪندا آهيون * ڪڏهن ڪڏهن ته اسان پنهنجي لاءِ گاڏي بُڪ ڪرائي هوندي آهي، اهڙي صورت ۾ ته ڊرائيور اسان جو پابند ٿي ويندو آهي، اسان کيس چونداسين ته هو مڃي ويندو، پر ان جي باوجود به اسان ان کي گانا ۽ موسيقي هلائڻ کان منع نه ڪندا آهيون. ان کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون صورتون آهن. سڄي ڏينهن ۾ اسان کي ڪيترائي ڀيرا نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان منع ڪرڻ جو موقعو ملندو هوندو، پر اسان ائين ڪندا ئي نه آهيون اسان جو اهڙو ذهن ئي نه آهي، سوچ ئي نه آهي ۽ نه اسان جو ان طرف ڌيان ئي نه هوندو آهي.
پوءِ ٻڌايو! * جڏهن اسان نيڪيءَ جي دعوت ئي نه ڏينداسين ته مسجدون ڪيئن آباد ٿينديون؟ * گهَرَ امن جو گهوارو ڪيئن بڻجندو؟ * معاشري مان وياج جو خاتمو ڪيئن ٿيندو؟ * ڌوڪو * ڪوڙُ، غيبت، چغلي، واعدي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami