Share this link via
Personality Websites!
480502
9573
(2) رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم مبلغين کي دعا ڏيندي فرمايو: الله پاڪ ان شخص کي تازو توانو رکي، جيڪو منهنجي حديث ٻڌي، ان کي ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي. [1]
افسوس! اسان وٽ نيڪيءَ جي دعوت واري ڪم ۾ به تمام گهڻي سستي ڏٺي ويندي آهي، بلڪه اڪثريت ته اِهو ڪم علماءِ ڪرام ۽ مسجدن جي امامن وغيره جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. يعني هي ذهن بڻجي چڪو آهي ته نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي آهي ته اُها امام صاحب ڏيندو، برائيءَ کان منع ڪرڻي آهي ته اُهو مولوي صاحب ڪندو. اسان جو ته اِهو ڪم نه آهي. مَعَاذَ اللہ!
ياد رکو! نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ هر مسلمان جي ذميداري آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي:
كُنْتُمْ خَیْرَ اُمَّةٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَ تَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ
(پارو: 4، سورة آل عمران: 110)
ترجموڪنزالعرفان: (اي مسلمانو!) توهان ڀلي امت آهيو جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ برائي کان منع ڪندا آهيو.
معلوم ٿيو ته هن اُمت جو خاص شان هي آهي ته هيءَ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ واري اُمت آهي. تنهنڪري جيڪو به مسلمان آهي، جيڪو به محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو اُمَّتي آهي، اهو مبلغ آهي. سڀني کي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami