Share this link via
Personality Websites!
480501
9573
ڪراچي (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته مان تقريباً 19 سالن کان ساههَ جي بيماريءَ جي مرض ۾ مبتلا هئس، مون کي تمام گهڻي پريشاني هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته تڪليف تمام گهڻي شديد ٿي ويندي هئي. مان هر وقت انهيءَ فڪر ۾ رهندو هئس ته مون کي آرام ڪيئن ملندو. آخرڪار هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول سان گڏ قافلي جو مسافر بڻجي ويس، قافلي جي برڪت سان مون کي تمام گهڻو علمِ دين سکڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏوگڏ هيءَ برڪت به نصيب ٿي جو اَلحمدُ لِلّٰه! منهنجو 19 سال پراڻو مرض ٺيڪ ٿي ويو. ([1])
گرچِہ بیماریاں، ہوں کہیں پتھریاں پاؤ گے صحّتیں، قافِلے میں چلو!
دُور ہوں گے اَلَم ہوگا ربّ کا کرم غم کے مارے سُنیں، قافلے میں چلو!
ماں جو بیمار ہو، یا وہ ناچار ہو رنج و غم مَتْ کریں، قافِلے میں چلو! ([2])
نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي فضيلتن تي 2 حديثون
(1) حديثِ پاڪ ۾ آيو آهي: ڪنهن شَخص حُضُور پُر نُور، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو: بهترين ٻانهو ڪير آهي؟ پاڻ سڳورن فرمايو: * الله پاڪ کان ڊڄڻ وارو* صلہ رحمي (يعني رشتيدارن سان ڀلائي ۽ سٺو سلوڪ) ڪرڻ وارو*نيڪيءَ جي دعوت ڏيندڙ ۽ بُرائين کان روڪيندڙ.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami