Share this link via
Personality Websites!
480499
9573
سيپارو: 26، سورة مُحَمَّد، آيت: 7 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ یَنْصُرْكُمْ وَ یُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ(۷)(پارو: 26، سورة مُحَمَّد: 7)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله جي دين جي مدد ڪندؤ ته الله توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان کي ثابت قدمي عطا فرمائيندو.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪندو آهي. مثلاً * علمِ دين سکندو آهي * ٻين کي سيکاريندو آهي* نيڪيءَ جي دعوت عام ڪندو آهي * دين جي خدمت خاطر پنهنجو گهر ٻار ڇڏيندو آهي * پنهنجن ٻارَن ٻچن جي جدائي برداشت ڪندو آهي * پَري پَري تائين سفر ڪري دين ڦهلائيندو آهي * پاڻ به نيڪيون ڪندو آهي ۽ ٻين کي به نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته الله پاڪ اهڙي ٻانهي جي مدد فرمائيندو آهي ۽ کيس نيڪ مقصدن ۾ ڪاميابي عطا فرمائيندو آهي. جيڪڏهن ان جي مٿان ڪا مشڪل يا پريشاني اچي ويندي آهي ته ان جي مدد ڪئي ويندي آهي. مفسرين ڪرام ته ايتري حد تائين لکيو آهي ته جيڪو ٻانهو دين جي خدمت ڪندو آهي، الله پاڪ دنيا ۾ ان کي اسلام تي ثابت قدمي عطا فرمائيندو آهي ۽ آخرت ۾ پل صراط تي به کيس ثابت قدم رکندو. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami