Share this link via
Personality Websites!
480497
9573
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! تصور ته ڪريو اِها ڪيڏي نه سخت سزا آهي، جيڪو هٺ ڌرم آهي، ان کي قيامت جي ڏينهن گِهلي جهنم ۾ وِڌو ويندو ۽ ان تي جهنم جي باهه مُسَلَّط ڪئي ويندي. اسان کي گهرجي ته هٺ ڌرمي ۽ ضد کان پاسو ڪريون * جڏهن معلوم ٿي ويو ته * هي ديني حڪم آهي * قرآن ڪريم اسان کي هي حڪم ڏنو آهي * حديث پاڪ ۾ هي حڪم آيو آهي* شريعت ۾ هينئن فرمايو ويو آهي، ته پوءِ ان تي عمل ڪريون، ان جي آڏو پنهنجو ڪنڌُ جهڪائي ڇڏيون ۽ ضد ۽ هٺ ڌرمي کان پري رهون.
نيڪيءَ جي دعوت جا حريص بڻجي وڃو!
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت جَرجِيس رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي سيرتِ پاڪ تي وڌيڪ غور ڪريو، انهن جي اندر نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو جذبو ڪيترو نه وڌيڪ هو...!!
سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن پاڻ بادشاهه ۽ ان جي رعايا کي شرڪ ۾ مبتلا ڏٺائون ته.... * واپاري هوندي به واپار ڇڏي ڏنائون * مال ڪمائيندا هئا * سندن مصروفيتون هيون * اميد آهي ته کين ٻار ٻچا به هوندا، پر جيئن ئي پاڻ بادشاهه کي غلط رستي تي هلندي ڏٺائون ته ان کان پوءِ سندن زندگيءَ جو هڪ ئي مقصد بڻجي ويو ته مون کي هن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي آهي ۽ مسلسل ڏيڻي آهي.
افسوس! اسان جون ته مصروفيتون ئي نه ٿيون کُٽَن * اسان کي ڪمائڻو به آهي * کائڻو به آهي * ٻارَ به پالڻا آهن * هڪ دڪان کان پوءِ ٻيو دڪان به کولڻو آهي * سوشل ميڊيا تي به وقت گذارڻو آهي * دوستن سان به
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami