Share this link via
Personality Websites!
480496
9573
حق سان دشمني ڇا کي چوندا آهن...؟
ياد رکو! ڪنهن ديني ڳالهه کي صحيح مڃڻ جي باوجود هٺ ڌرمي ۽ ضد جي بنياد تي ان جي مخالفت ڪرڻ کي عِنادِ حق (يعني حق سان دشمني) چيو ويندو آهي. ([1]) الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اَلْقِیَا فِیْ جَهَنَّمَ كُلَّ كَفَّارٍ عَنِیْدٍۙ(۲۴)(پارو: 26، سورة ق: 24)
ترجموڪنزالعرفان: (حڪم ٿيندو) توهان ٻئي هر وڏي ناشڪري ضِديءَ کي جهنم ۾ وجهي ڇڏيو.
يعني قيامت جي ڏينهن جڏهن ماڻهو ميدانِ محشر ۾ پهچندا ته فرشتن کي حڪم ڏنو ويندو ته هي جيڪي ناشڪرا ۽ ضِديرا ڪافر آهن، انهن سڀني کي جهنم ۾ وِجهي ڇڏيو....!![2]
حضرت ابو هريره رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن جهنم جي باهه مان هڪ مُنڍِي نڪرندي، جنهن کي ٻه اکيون هونديون، جن سان هُوءَ ڏسندي، ٻه ڪَنَ هوندا، جن سان هُوءَ ٻڌندي، هڪ زبان به هوندي، جنهن سان هُوءَ ڪلام ڪندي ۽ چوندي ته مان ٽن قسمن جي ماڻهن کي عذاب ڏيڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهيان * سرڪش ۽ ضِدي کي * ان شخص کي، جيڪو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪري. ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami