Share this link via
Personality Websites!
480210
9555
اڄ جا نوجوان ڇا ڪري رهيا آهن؟ سندن زندگيءَ ۾ بيچيني وڌي رهي آهي، مسئلا پيدا ٿي رهيا هوندا آهن، ته پوءِ ڇا ڪندا آهن * پنهنجون ڳالهيون A . I سان شيئر (Share)ڪندا آهن، ان کان حل پڇندا آهن ته مان ڇا ڪريان؟ مان هڪ احتياط جي ڳالهه اوهان کي عرض ڪريان ته پنهنجي ذاتي معلومات (Personal information)ڪڏهن به A . I سان شيئر نه ڪريو! اِها هڪ مشين آهي. اسان جي ڳالهين ۽ اسان جي معلومات جو غلط استعمال (Misuse)ٿي سگهي ٿو. هُونئن به A . I هڪ مشين آهي، ان کي اسان وانگر دنيا جي اندر معاشري ۾ رهي زندگي نه گذارڻي آهي. A . I وٽ معلومات (Knowledge)ته ٿي سگهي ٿي، پر ان کي تجربو نه آهي. تنهنڪري پنهنجي حالت ان سان شيئر ڪرڻ بدران وڏڙن جي خدمت ۾ ويهڻ گهرجي * اهڙي طرح ڪجهه نادان جڏهن بيچين ٿيندا آهن ته معاذ الله! شراب جو سهارو وٺندا آهن. اِهو سخت ترين گناهه، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. اِن سان بيچيني دور ته ڇا ٿيندي ...؟ بلڪه اُها اڃان وڌيڪ وبالِ جان بڻجي ويندي.
تنهنڪري وڏڙن وٽ ويهو، انهن جون ڳالهيون ٻڌو ۽ سندن تجربن مان فائدو حاصل ڪريو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگيءَ ۾ سڪون اچي ويندو.
هڪ مشورو عرض ڪريان ته ڪنهن وَلِيُّ الله، جيڪو واقعي وَلِيُّ الله هجي، جنهن ڏانهن اوهان جي دل وڌيڪ مائل ٿيندي هجي، ان جي مزارِ پاڪ تي حاضري ڏيڻ جي پڪي عادت بڻائي ڇڏيو! يقين ڪريو! دل ۾ اهڙو سڪون پيدا ٿيندو، جو ڇا ڳالهه ڪجي! اسان جا بزرگانِ دين ۽ الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، ائين ڪندا هئا * حضرت خطيب بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنجين صدي هجريءَ جا بزرگ ۽ تمام وڏا مُحَدِث آهن. پاڻ لکن ٿا ته 70 سالن تائين مسلسل حضرت معروف ڪرخي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزار پاڪ جو تجربو ڪيو ويو، ان عرصي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami