Share this link via
Personality Websites!
480208
9555
جي نرمي ۽ رحمدليءَ جي نشاني آهي. ها! زبان ۽ هٿن تي قابو رکڻ گهرجي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي تي هڪ ٻئي پهلوءَ کان به غور ڪريو! حضرت علي بن ابو العاص رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو آخري وقت هو، ان وقت حضرت زينب رَضِیَ اللهُ عَنْهَا تي ڇا گذري رهي هوندي؟ ظاهر آهي، ماءُ آهي، پٽ جي محبت جوش ۾ هوندي، غم جو سمنڊ دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو هوندو، اهڙي مُشڪل گهڙيءَ ۾ حضرت زينب رَضِیَ اللهُ عَنْهَا ڇا ڪيو؟ پنهنجي پياري بابا جان، ٻنهي جهانن جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اوهان تشريف کڻي اچو، دل کي آٿت ملي ويندي.
امام ابنِ حجر عسقلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کي الهام ٿي ويو هو (يعني اِها ڳالهه الله پاڪ جي طرفان سندن دل ۾ اچي وئي هئي) ته جنهن تڪليف ۾ پاڻ مبتلا آهن، اُها پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعا ۽ سندن تشريف آوريءَ سان ئي دور ٿيندي. تنهنڪري پاڻ محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ پيغام موڪليائون.[1]
هن مان اسان کي اِهو سبق سکڻ لاءِ ملي ٿو ته * جڏهن ڏکيو وقت هجي * دل بيچين ٿي رهي هجي * حوصلا ٽٽي رهيا هجن * برداشت جي طاقت جواب ڏئي رهي هجي * بيچيني جيئڻ نه ڏيندي هجي، ته ان وقت بزرگن جي خدمت ۾، الله وارن جي خدمت ۾، خاص ڪري نبين جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ گهرجي، انهن سان لنئو لڳائڻ گهرجي، ڇو جو انهن جي صدقي الله پاڪ بيچين دلين کي چين عطا فرمائيندو آهي.
سکونِ دل انیسِ جاں حضور تھے حضور ہیں علاجِ گردشِ جہاں حضور تھے حضور ہیں
غموں کی بادِ تُنْدسخت هوا میں حیات کی خزاؤں میں مثالِ شاخِ گلفشاں حضور تھے حضور ہیں
[1] فتح الباری، کتاب الجنائز، باب قول النبی صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم یعذب...الخ، جلد:3، صفحہ:201، زیرِ حدیث:1284 ۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami