Share this link via
Personality Websites!
480205
9555
ڌيءَ ....!! صبر ڪر ۽ ثواب حاصل ڪر!
حضرت زينب رَضِیَ اللهُ عَنْهَا پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سڀ کان وڏيون شهزاديون آهن.[1]
اسان الحمد لله! مسلمان آهيون، اسان کي معلوم هئڻ گهرجي ته اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون 4 شهزاديون ۽ 3 شهزادا آهن. وڏي شهزاديءَ جو پاڪ نالو * حضرت زينب * ان کان پوءِ حضرت رقيه * پوءِ حضرت اُمِ ڪلثوم * ۽ سڀني کان ننڍي ۽ سڀني کان لاڏلي شهزادي حضرت فاطمة الزهراء رَضِیَ اللهُ عَنْهُنَّ آهن. شهزادن ۾ سڀني کان وڏا شهزادا * حضرت قاسم * انهن کان ننڍا حضرت عبدالله * ۽ سڀني کان ننڍا شهزادا حضرت ابراهيم رَضِیَ اللهُ عَنْهُم آهن.[2]
خُونِ خَیْرُ الرُّسُل سے ہے جن کا خمیر اُن کی بےلوث طِیْنَت پہ لاکھوں سلام
اور جتنے ہیں شہزادے اُس شاہ کے ان سب اَہْلِ مَکَانت پہ لاکھوں سلام ([3])
مفهوم: اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سموري اولادِ پاڪ، جن جي پيدائش سندن رت مبارڪ مان ٿي، پوءِ چاهي اُهي سندن شهزاديون هجن يا شهزادا، سڀئي احترام ۽ عزت جي لائق آهن. انهن جي پاڪيزه ۽ بي عيب فطرت تي لکين سلام هجن.
خير! مان عرض ڪري رهيو هئس ته حضرت زينب رَضِیَ اللهُ عَنْهَا پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون وڏيون شهزاديون آهن. سندن پٽ، يعني محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا، حضرت علي بن ابو العاص رَضِیَ اللہُ عَنْه بيمار هئا. انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami