Share this link via
Personality Websites!
480231
9555
سوين واقعا موجود آهن * ائين به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي همت افزائيءَ لاءِ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمائي، سندن خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ قافلي ۾ شرڪت ڪرڻ وارن کي پنهنجي ديدار جو جام پياريائون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَى الْحَبِيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مُڇون ڪٽرايو، ڏاڙهيون وڌايو ۽ مجوسين جي مخالفت ڪريو! ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سنتِ مصطفيٰ، بلڪه سنتِ انبياء آهي * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڏاڙهي هميشه هڪ مُٺ جي برابر هوندي هئي * جيڪڏهن هڪ مٺ کان وڌي ويندي هئي ته ان کي گهٽ ڪرائي ڇڏيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ ايتري هئي، جو سندن مبارڪ سينو ڀري ڇڏيندي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami