Share this link via
Personality Websites!
480229
9555
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰه! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ ان سلسلي ۾ قرآن ٽيچر (Quran Teacher) جي نالي سان هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي * هن ايپليڪيشن جي ذريعي درسِ نظامي، فيضانِ نماز ڪورس ۽ زڪوات ڪورس سميت ڪيترن ئي آن لائين ڪورسن لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي * اسٽوڊنٽ پورٽل (Student Portal) ۾ پنهنجي آن لائين ڪلاسن جي سرگرمين بابت باخبر رهي سگهجي ٿو * دعوتِ اسلامي جي هن پليٽ فارم تي تقريباً 50 کان وڌيڪ اسلامي ڪورسَ ڪرايا ويندا آهن * هيءَ ايپليڪيشن آن لائين ٿيڻ وارن ڪورسن بابت به معلومات (Information) فراهم ڪري ٿي. توهان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪنهن به ڪورس جي چونڊ ڪري سگهو ٿا ۽ بغير ڪنهن مشڪل جي آن لائين قرآن سکڻ لاءِ داخلا وٺي سگهو ٿا. هن ايپليڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪري پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائِيوِ هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. ايندڙ ڇنڇر تي به عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي تقريباً رات جو 8 لڳي 15 منٽن تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ ”الله پاڪ سان ملاقات جو شوق“ رسالي جو اعلان ڪيو ويندو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami