Share this link via
Personality Websites!
480226
9555
هن حديث پاڪ جي شرح ۾ ملا علي قاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا ته جيڪو غفلت جي ننڊ سمهيو پيو هوندو آهي، ايسيتائين جو سندس فجر جي نماز نڪري ويندي آهي ته اهو غمگين دل ۽ ڪيترن ئي فڪرن سان گڏ ۽ پنهنجا ڪم پورا ڪرڻ جي حوالي سان حيران ۽ پريشان ٿي صبح ڪندو آهي ۽ هُو جنهن به ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي، ان ۾ ناڪام رهندو آهي، ڇو ته هُو الله پاڪ جي قرب کان پري ٿي، شيطان جي ڌوڪي واري ڄار ۾ ڦاسي چڪو هوندو آهي.[1]
افسوس! هيءَ بيماري ته هاڻي تمام گهڻي عام ٿي چڪي آهي. چڱا ڀلا مذهبي شڪل صورت وارا، نمازن جا شوقين ٻيون نمازون پوريون پڙهڻ وارا ماڻهو به فجر جي نماز ۾ سُستي ڪري ويهندا آهن. اي ڪاش! اسان خاص ڪري فجر جي نماز ۽ ان جي برڪت سان ٻيون نمازون به وقت تي، مسجد ۾ جماعت سان پڙهڻ وارا بڻجي وڃون.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
یاالٰہی! فجر میں اٹھنے کا ہم کو شوق دے سب نمازیں ہم جماعت سے پڑھیں وہ ذوق دے
آخر ۾ پريشاني ۽ بيچينيءَ جي وقت پڙهڻ واري هڪ دعا ٻڌي وٺو! خادمِ رسول، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ڪنهن سبب پريشان يا بيچين ٿيندا هئا ته هيءَ دعا پڙهندا هئا:
يَاحَيُّ يَاقَيُّومُ بِرَحْمَتِكَ اَسْتَغِيْثُ
ترجمو: اي هميشه زنده رهڻ وارا! اي سڀني کي قائم رکڻ وارا! مان تنهنجي رحمت جي وسيلي سان توکان مدد طلب ڪريان ٿو. [2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami