Share this link via
Personality Websites!
480225
9555
هڪ نهايت پياري حديث پاڪ آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
اِذَا نَظَرَ اَحَدُكُمْ اِلٰی مَنْ فُضِّلَ عَلَيْهٖ فِي الْمَالِ وَالْخَلْقِ، فَلْيَنْظُرْ اِلٰى مَنْ هُوَ اَسْفَلَ مِنْهٗ
ترجمو: جڏهن توهان مان ڪو شخص مال و دولت ۽ شڪل و صورت ۾ پاڻ کان بهتر ڪنهن شخص کي ڏسي، ته ان کي گهرجي ته اهڙي شخص ڏانهن ڏسي، جيڪو انهن شين ۾ کانئس گهٽ آهي.[1]
سُبْحٰنَ الله! ڪيڏو نه پيارو نسخو آهي...!! ڪاش اسان هن نسخي کي اپنائڻ وارا بڻجي وڃون. الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمان معاشري ۾ وڌندڙ بيچينيءَ جو هڪ اهم ترين سبب فجر جي نماز قضا ڪرڻ به آهي. هونئن ته سڀئي نمازون وقت تي ادا ڪرڻ لازمي آهي ۽ افسوس! اڄڪلهه پنجن ئي نمازن ۾ سُستي وڌندي پئي وڃي. پر فجر جي نماز جي خاص فضيلت آهي. جيڪو شخص فجر جي نماز قضا ڪري ڇڏيندو آهي، ان جو سڄو ڏينهن فڪرن ۽ بيچينين جي وَر چڙهي سگهي ٿو. حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن توهان مان ڪو شخص سمهندو آهي ته شيطان ان جي ڪنڌَ جي پوئين حصي ۾ ٽي ڳنڍيون ڏئي ڇڏيندو آهي، هر ڳنڍ تي دل ۾ هيءَ ڳالهه ويهاريندو آهي ته اڃان رات پئي آهي، سمهي پئه * پوءِ جيڪڏهن هُو جاڳي الله پاڪ جو ذڪر ڪندو آهي ته هڪ ڳنڍ کلي ويندي آهي * جڏهن وضو ڪندو آهي ته ٻي ڳنڍ کلي ويندي آهي ۽ جڏهن نماز پڙهندو آهي ته ٽين ڳنڍ به کلي ويندي آهي، پوءِ هُو خوش خوش ۽ تازو توانو ٿي صبح ڪندو آهي، ٻي صورت ۾ ڏکايل دل ۽ سستيءَ سان صبح ڪندو آهي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami