Share this link via
Personality Websites!
480222
9555
هاڻي ڊاڪٽر ته هر جاءِ تي ڊاڪٽر ئي هوندو آهي ۽ مبلغ هر هنڌ مبلغ ئي هوندو آهي. ان ماهرِ نفسيات جيل جي اندر ئي ماڻهن جي نفسيات کي پرکڻ شروع ڪيو. هن ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي قيد ۾ رهندي، انتهائي سخت سزائون ڀوڳيندي به پرسڪون آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي قيد جي حالت کي برداشت نه پيا ڪري سگهن ۽ زندگيءَ کان مايوس ٿي چڪا آهن. ان ماهرِ نفسيات هنن ٻنهي قسمن جي قيدين جي ڀيٽ ڪئي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين هُو ان تي تحقيق ڪندو رهيو. آخرڪار جڏهن اهو ماهرِ نفسيات جيل کان ٻاهر آيو ته هن پنهنجي تحقيق بابت هڪ ڪتاب لکيو. ان ڪتاب ۾ هن اهو نتيجو ڪڍيو ته جنهن شخص وٽ ڪا اميد هوندي آهي، جنهن جو ڪو خاص مِشن هوندو آهي، اهو انتهائي سخت حالتن ۾ به پرسڪون رهي پنهنجي زندگيءَ کي سنڀالي (Manage) وٺندو آهي، جڏهن ته جنهن وٽ ڪا اميد ۽ ڪو مِشن نه هوندو آهي، اهو ننڍين ننڍين پريشانين اڳيان به همت هاري ويهندو آهي.
معلوم ٿيو ته زندگيءَ ۾ ڪو وڏو مقصد نه هئڻ به بيچيني ۽ بي سڪونيءَ جو هڪ تمام وڏو سبب آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته زندگيءَ جو مقصد ته اختيار ڪرڻو آهي، پر اهو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ان جي باري ۾ ڪجهه روايتون ٻڌو!
* مشهور ولي الله حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:
مَا يَنْبَغِيْ لِلْمُؤْمِنِ اَنْ يَّكُوْنَ بَطْنُهُ اَكْثَرَ هَمِّهٖ
ترجمو: مؤمن جي لاءِ اِهو جائز نه آهي ته سندس پيٽ ان جو محور ۽ مرڪز هجي.[1] (يعني هُو هر وقت صرف پنهنجي پيٽ جي ئي فڪر ۾ لڳل رهي)
* حضرت معاويه اسود رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami