Share this link via
Personality Websites!
480204
9555
ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي دور جو هڪ تمام وڏو مسئل آهي:
* بيچيني (Restlessness) * افسردگي (Depression) * پريشاني * مايوسي
هي مسئلو ايترو وڌندو پيو وڃي، جو بس ڇا ٻڌايان، هر ٻيو ماڻهو بيچينيءَ جو شڪار آهي، ڊپريشن ۾ مبتلا آهي * ڪنهن کي گهر جا حالات بيچين ڪري رکندا آهن * ڪو پنهنجي محرومين جي باري ۾ سوچي سوچي پريشان آهي * ڪو امير بڻجڻ جا خواب ڏسندو رهندو آهي، جڏهن سندس خواب پورا نه ٿيندا آهن ته پريشان ٿي ويندو آهي * ڪيترن ئي ماڻهن کي رات جو ننڊ نه ايندي آهي، ليٽي ليٽي خبر ناهي الائي ڇا ڇا سوچيندا رهندا آهن * ننڊ جون گوريون کائيندا آهن * زندگيءَ ۾ هر طرف خوشيون آهن، الله پاڪ پنهنجو گهر ڏنو آهي، سٺي زال آهي، اولاد آهي، مٽ مائٽ آهن، ضرورت آهر رزق ملي رهيو آهي، ان جي باوجود اندر ئي اندر ۾ هڪ خال محسوس ٿيندو آهي، ائين لڳندو آهي ته زندگيءَ ۾ ڪا ڪَمِي آهي * ڪڏهن ڪڏهن بغير ڪنهن سبب جي طبيعت اداس ٿي ويندي آهي، ڪنهن سان ڳالهائڻ تي دل نه چوندي آهي، دل ۽ دماغ تي مايوسي ڇانئيل رهندي آهي. هي سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ اسان جي معاشري ۾ بيچيني ايتري ڇو وڌي رهي آهي؟ اڄ اسان ان جا اسباب ۽ انهن جو حل ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اچو ته! سڀ کان پهريان سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami