Share this link via
Personality Websites!
480221
9555
ته توهان کي اهڙا ملندا، جن وٽ ڪو خاص مقصد ئي نه هوندو آهي، بس ڏينهن ٿيندي ئي ڪمائڻ لاءِ نڪري پوندا آهن ۽ رات ٿيندي آهي ته گهر اچي سمهي پوندا آهن.
هي مان اڪثريت جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. اسان جي دور ۾ اڪثريت جو حال اهڙو ئي آهي. اسان جي سامهون ڪو وڏو مقصد نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو وڏو مقصد هوندو به آهي ته اهو صرف دنيا جي حد تائين محدود هوندو آهي. اسان ڪو اهڙو اعليٰ ڪم ڪري دنيا مان وڃڻ ئي نه چاهيندا آهيون، جنهن جي ڪري اسان جي وڃڻ کان پوءِ به ماڻهو اسان کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندا رهن.
توهان کي خبر آهي ته ان جو نقصان ڪهڙو آهي؟ جڏهن زندگيءَ جو ڪو رخ ئي مقرر نه هجي ته نتيجي ۾ زندگي وکريل ٿي ويندي آهي. ائين سمجهو ته هڪ بس چونڪ تي بيٺي آهي. هاڻي ان کي معلوم ئي نه آهي ته ڪهڙي طرف وڃڻو آهي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ يا ته ڊرائيور بس کي گول گول ڦيرائيندو رهندو، تان جو آخرڪار پيٽرول ختم ٿي ويندو، يا وري اتي ئي بيٺو سوچيندو رهندو، اهڙيءَ طرح بي مقصد ۽ بي معنيٰ زندگي گذاريندڙ شخص، زندگي ته ڪاٽي ويندو، پر سندس صلاحيتون، وقت ۽ وسيلا سڀ جا سڀ ضايع ٿي ويندا.
غير مسلم ملڪن جو هڪ مثال آهي ته ڪنهن غير مسلم ملڪ ۾ هڪ جيل ٺاهيو ويو. هيءَ مان اوهان کي سچي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهيان. ان جيل ۾ انتهائي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون. اهڙيون سخت سزائون جو ماڻهو جيئڻ بدران مرڻ جي خواهش ڪرڻ لڳندا هئا ۽ ان جيل مان نڪرڻ جو به ڪو رستو نه هو. معالو ڪجھ هينئن ٿيو جو ان جيل ۾ ڪنهن وجهه سان هڪ ماهرِ نفسيات به اچي ويو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami