Share this link via
Personality Websites!
480219
9555
* بنا پڇڻ جي مشورا ڏيڻ * ڪنهن جي گهر وڃڻ ٿئي ته گهر جي عمارت، گهر جي سامان ۽ گهر جي ترتيب ۾ شرعي اجازت کان سواءِ عيب ڪڍڻ، مثال طور هينئن چوڻ ته توهان گهر هن طرح ٺاهيو آهي، جيڪڏهن هتان هن طرح ٺاهيو ها ته وڌيڪ سٺو لڳي ها، هيءَ ٽيبل هِتي رکي اَٿوَ، هُتي رکو ها ته وڌيڪ سٺو لڳي ها، وغيره وغيره * اهڙيءَ طرح چار دوست گڏجي ويهندا آهن ته حڪومتن جي معاملن تي تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ته فلاڻي حڪمران کي هينئن نه، پر هينئن ڪرڻ گهرجي ها، فلاڻي صاحب هي بيان ڏنو آهي، ان کي هِي بيان ڏيڻ گهرجي ها، پوءِ ان سلسلي ۾ غيبتن ۽ بهتانن جو جيڪو گناهن ڀريو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، اَلْاَمَان وَالْحَفِيْظ....!! * اهڙي طرح ملڪي ۽ غير ملڪي حالتن ۾ اجائي دلچسپي وٺڻ * ماڻهن جا عيب تلاش ڪرڻ * ماڻهن جي ذاتي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ * ٻين کان سندن ذاتي زندگيءَ بابت سوال ڪرڻ وغيره، اِهي سڀ ٻين جي معاملن ۾ اجايو دخل اندازيءَ جا مثال آهن.
ياد رکو! ڪاميابي هميشه ان شخص جا قدم چمندي آهي، جيڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي، صرف ڪرڻ وارا ڪم ڪندو آهي ۽ نه ڪرڻ وارن ڪَمَن کان هميشه بچندو رهندو آهي.
الله پاڪ اسان کي به عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اڄ ئي ڪوشش ڪري پنهنجي چوڌاري هڪ لڪِير ڪڍو يعني پنهنجو هڪ دائرو مقرر ڪري ڇڏيو! اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته * مون کي ڇا ٻُڌڻو آهي ۽ ڇا نه ٻُڌڻو آهي * ڇا ڏسڻو آهي ۽ ڇا نه ڏسڻو آهي * ڇا ڳالهائڻو آهي ۽ ڇا نه ڳالهائڻو آهي * سوشل ميڊيا تي ڪهڙي قسم جو مواد ڏسڻو آهي ۽ ڪهڙي قسم جو نه ڏسڻو آهي، ڪنهن جو اسٽيٽس (Status) ڏسڻ ۾ حرج نه آهي ۽ ڪنهن جو اسٽيٽس (Status) نه ڏسندس. اِهو اسان مان هر ڪنهن جو هڪ طئي ٿيل اصول هئڻ گهرجي * اهڙي طرح واٽس ايپ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami