Share this link via
Personality Websites!
480218
9555
آهن، انهن کي نه ٻڌندا ڪيو! ڪنهن ڇا چيو؟ ڪنهن ڇا ڪيو؟ ڪير ڪهڙا عمل ڪري رهيو آهي؟ ڪير ڪهڙي طبيعت جو ماڻهو آهي؟
ٻنهي طرفن جي نصيحت فرمائي وئي آهي ته * جيڪي ماڻهو ٻين تائين اهڙيون ڳالهيون پهچائيندا رهندا آهن. انهن کي گهرجي ته ائين نه ڪن. جيڪڏهن ڪنهن جو راز معلوم ٿي ئي ويو آهي ته ان تي پردو وجهن * ٻڌڻ وارن لاءِ به نصيحت آهي ته اهي اهڙيون ڳالهيون نه ٻڌن. اسان ڀلي ڪيڏي به پاڪ دل وارا هجون، ظاهر آهي ته جڏهن ڪنهن جي باري ۾ ڪا ڳالهه اسان تائين پهچندي، مثال طور ڪنهن چيو ته اوهان فلاڻي کي سڃاڻو ٿا؟ اهو شراب پي رهيو هو ته هاڻي ان شخص بابت دل ۾ ميرُ ته پيدا ٿيندو، تنهنڪري ماڻهن جي لڪيل ڳالهين جي باري ۾ نه جستجو ڪرڻي آهي ۽ نه ئي خوامخواهه معلومات گڏ ڪرڻي آهي، ڇو ته ان سان دل مشغول ٿيندي آهي، دل ۾ خيال پيدا ٿيندا آهن ۽ بغير ڪنهن سبب جي بيچيني وڌندي آهي.
امام بخاري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جون 3 خاص عادتون
امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي تمام وڏا مُحَدِّث ۽ ڪامل ولي ٿي گذريا آهن. انهن جون ٽي نهايت ئي پياريون عادتون هيون: (1): کَانَ قَلِیْلُ الْکَلَامِ گهٽ ڳالهائيندا هئا (2): کَانَ لَایَطْمَعُ فِیْمَا عِنْدَ النَّاسِ ماڻهن وٽ جيڪو ڪجهه هوندو هو، ان ۾ لالچ نه رکندا هئا (3): کَانَ لَایَشْتَغِلُ بِاُمُوْرِ النَّاسِ ماڻهن جي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندا هئا.[1]
سُبْحٰنَ الله! ڪيڏو نه پيارو انداز آهي، امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا هئا. بدقسمتيءَ سان اڄ اسان جي اڪثريت ان پاڪيزه وصف کان محروم آهي * ڊاڪٽر نه هوندي به مريضن کي دوائن جا نسخا ٻڌائڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami