Share this link via
Personality Websites!
480217
9555
سوچيو ته جڏهن اسان پنهنجي ننڍڙي دماغ ۾ لکين قسمن جي معلومات ڀري ڇڏي آهي، ته پوءِ اسان جي دماغ جو ڪهڙو حال ٿيندو....؟ دماغ ته هينگ ٿي ئي ويندو! بس پوءِ هر وقت مايوسي، بيچيني، پريشاني ۽ دل ۾ ابتا سبتا خيال پيدا ٿيندا رهندا.
يقين ڪريو! جيڪڏهن توهان سڪون چاهيو ٿا ته معلومات جي چونڊ (Selection)ڪرڻ شروع ڪريو. هر اُها ڳالهه، جيڪا اوهان جي فائدي جي آهي ۽ دنيا يا آخرت ۾ اوهان کي فائدو ڏيندي،ان کي حاصل ڪريو ۽ جيڪا معلومات نه دنيا ۾ فائدو ڏئي ۽ نه ئي آخرت ۾، اهڙي معلومات تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِيم ! اوهان جي زندگي پرسڪون ٿي ويندي. ڪڏهن تجربي طور پنهنجو موبائل بند ڪري، پراڻو بٽڻن وارو موبائل، جيڪو اڳ ۾ استعمال ٿيندو هو، ان ۾ سِم وجهي ڏسو، ٻه چار ڏينهن ان سان گڏ گذاريو! توهان ڏسندؤ ته زندگيءَ جون اڌ پريشانيون ختم ٿي وينديون.
حديث پاڪ ۾ آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڪو به شخص مون تائين ڪنهن ٻئي جي ڳالهه نه پهچائي! بيشڪ مان چاهيان ٿو ته توهان وٽ اچان ته صاف سينو کڻي اچان....!![1]
هي ارشاد اسان کي سيکارڻ لاءِ فرمايو ويو آهي، نه ته محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته اهي آهن، جيڪي هن سموري دنيا ۾، ان جي هر هڪ ڪنڊ ۾، قيامت تائين جيڪو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، ڪير ڪٿي آهي؟ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڪنهن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي؟ ڇا ڳالهائي رهيو آهي؟ اِهو سڀ ڪجهه اڳواٽ ئي ڄاڻن ٿا. ڪو ٻڌائي تڏهن به ڄاڻن ٿا ۽ ڪو نه ٻڌائي تڏهن به الله پاڪ جي عطا سان ڄاڻن ٿا. تنهنڪري اسان جي تعليم لاءِ اها ڳالهه فرمائي وئي. ڇا سمجهايائون ته؟ اُهي ڳالهيون جيڪي اوهان کان لڪيل
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami