Share this link via
Personality Websites!
480216
9555
تمام گهڻي عام ٿي چڪي آهي. دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪا ڳالهه ٿئي ٿي ته چند منٽن ۾ ٻي ڪنڊ تائين پهچي وڃي ٿي* هڪ رِيل (Reel)ڏٺي سين، ان ۾ چند سيڪنڊ لڳا، پر اها رِيل اسان جي دماغ تي هڪ اثر ڇڏي وئي * اهڙي طرح جيڪڏهن هزارين ريلز ڏسنداسين ته اُهي اسان جي دماغ تي هزارين اثر ڇڏينديون * ڪا خبر پڙهي سين ته دنيا ۾ هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي پوءِ اها خبر پنهنجن دوستن سان شيئر ڪنداسين، دوستن جي محفل ۾ ان تي تبصرا ڪنداسين، اهڙي طرح اسان جي پڙهيل يا ٻڌل هڪ ئي خبر ڪيترائي ڀيرا اسان جي دماغ ۾ ڦِرندي رهندي آهي * اهڙيءَ طرح اڄ به ماڻهو اخبار پڙهندا آهن * ڪيترائي ماڻهو لڳاتار خبرون ڏسندا آهن جيسيتائين سڄي دنيا جون خبرون ٻڌي يا ڏسي نه وٺن، تيسيتائين کين آرام ئي نه ايندو آهي، پوءِ اسان جون پاڻ ۾ ٿيندڙ ڪچهريون ڏسو! * دوست پاڻ ۾ ملڻ سان ئي گفتگو جو آغاز ئي هن طرح ڪندا آهن: ها يار! ڀلا ٻڌاءِ ته فلاڻي جو ڇا ٿيو؟ * اسان جو آفيسر اڄڪلهه ڇا ڪري رهيو آهي؟ * يار! فلاڻي تنظيم هينئن ڪري رهي آهي * خبر اٿئي، فلاڻي ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي؟ * ڪجهه ماڻهو پرائيويٽ رپورٽر(Private Reporter)هوندا آهن، سڄي شهر ۾ اڄ ڇا ڇا ٿيو آهي، ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڪير ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ڪير ڪهڙي حالت ۾ آهي؟ اِهي سموريون خبرون کين هونديون آهن.
توهان پاڻ ڏسو! ايتريون ساريون خبرون ۽ ايتري ساري معلومات هر وقت اسان جي دماغ ۾ موجود هوندي آهي. مان خوش طبعيءَ جي طور تي عرض ڪري رهيو آهيان ته اسان وٽ ايتري ته معلومات گڏ ٿي چڪي آهي، جو اسان جي دماغ جي ميموري (Memory) ڄڻ ته ڀرجي چڪي آهي.
توهان کي خبر آهي نه، جڏهن ميموري فل ٿي ويندي آهي ته ڇا ٿيندو آهي؟ مثال طور، اسان جي موبائل جي ميموري فل ٿي وڃي ته موبائل هينگ (Hang)ٿيڻ لڳندو آهي، ان جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ، هاڻي توهان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami