Share this link via
Personality Websites!
480116
9548
ساڻ کڻي ويندا، جيڪڏهن نيڪ ماڻهن جي ڳوٺ طرف فاصلو گهٽ ٿيو ته رحمت جا فرشتا کڻي ويندا.
الله پاڪ جو شان ڏسو! رب رحمٰن پنهنجي نيڪ ٻانهن جا شان واضح فرمائي ٿو. اهو حصو زمين جو جيڪو ان جي گهر طرف هو، الله پاڪ ان کي حڪم ڏنو: تون پکڙجي وڃ. نيڪ ڳوٺ جي طرف جيڪو حصو هو، ان کي فرمايو: تون سوڙهو ٿي وڃ. جيئن ته فرشتن جڏهن پيمائش ڪئي ته هو نيڪ ماڻهن جي ڳوٺ طرف هڪ گرانٺ وڌيڪ ويجهو هو، بس ان ٻانهي جي بخشش ٿي وئي ۽ ان جي روح کي رحمت جا فرشتا گڏ کڻي ويا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي الله وارن جو...!! * انهن جي برڪت سان دعائون قبول ٿينديون آهن * انهن جي صدقي سان توبه جي توفيق ملندي آهي * انهن جي صدقي سان گنهگار به رحمت جا حقدار بڻجي ويندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چوندا آهن: الله پاڪ ته سڀني جي ئي ٻڌندو آهي، هر جاءِ تي ئي ٻڌندو آهي، پوءِ توهان درٻارن تي وڃي ڪري ڇو گهرندا آهيو...؟ اهڙن جي خدمت ۾ عرض آهي ته الله پاڪ ته هر جاءِ تي ئي ٻڌندو آهي توبه قبول جڏهن ان کي ڪرڻي آهي ته ڪنهن به جاءِ تي توبه ڪئي وڃي، هو قبول ڪري سگهي ٿو، پوءِ ان بني اسرائيل کي بيتُ المقدس وڃڻ، ان جو ادب ڪرڻ، اتي دروازي مان گذرندي گناهن جي معافي گهرڻ جو حڪم ڇو ڏنو؟
ڳالهه دراصل اها آهي ته الله پاڪ ٻڌندو ته سڀني جي آهي پر مڃيندو سڀني جي ناهي. بخاري شريف ۾ حديثِ قدسي آهي، الله پاڪ پنهنجي ولين جو شان ٻڌائيندي فرمائي ٿو: وَ اِنْ سَاَلَنِیْ لَاُعْطِیَنَّہٗ جيڪڏهن منهنجو ولي مون کان ڪجهه گهري ته مان ضرور بالضرور کيس عطا ڪري ڇڏيندو آهيان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami